2024-08-27 12:11
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي
باھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي
سنڌ لاءِ جيئڻ ايترو سولو بہ هجي
سنڌ لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي
صرف غدار جو رت آهي گٽر جو پاڻي
ماءُ جو کير کرڻ ايترو سولو ناهي
پوءِ سک، ٻن سمھڻ جان ۾ جنڊي پائي
ڏيھ جا ڏک ڏڻڻ ايترو سولو ناهي
امداد حسيني